پولي ٽيڪنڪ

پولي ٽيڪنڪ (Polytechnic): اعليٰ تعليم جا ڪاليج آهن، جن ۾ پيشوراڻي نوعيت جا ڪورس ڪرايا ويندا آهن. پهريون پولي ٽيڪنڪ ادارو 1794ع ۾ پيرس ۾ قائم ٿيو، جنهن جو مقصد توپ خاني ۽ انجنيئرنگ جي فوجين کي ٽيڪنيڪي تربيت ڏيڻ هو. جرمني اڻويهين صدي جي وچ واري ڏهاڪي ۾ پولي ٽيڪنڪ ادارا کولڻ شروع ڪيا، جڏهن ته يو. ڪي ۾ هي رواج 1880ع کان پوءِ شروع ٿيو. هينئر هي تعليم عام آهي، پاڪستان، سنڌ ۾ پڻ ٽيڪنيڪل تعليم جو بورڊ ٺهيل آهي، جنهن جي ماتحت هي ڪاليج هلن ٿا.


لفظ پولي ٽيڪنڪھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو